وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ وزير اعظم عمران خان جِي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ وزير اعظم عمران خان جِي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.

وزير اعظم هائوس ۾ وفاقي ڪابينا جو اڄ ٽيون اجلاس وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي منظوري جو امڪان آهي.

وفاقي حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارن جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت ايف بي آر جي 3 ميمبرز جون سيٽون ختم ٿي وينديون.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا پنهنجي پهرين اجلاس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

وفاقي ڪابينا جي 24 آگسٽ تي ٿيل ٻئي اجلاس ۾ صدر، وزير اعظم، وزيرن ۽ پارليامينٽرين جا صوابديدي فنڊز به ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.

ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت اهم فيصلن سميت 8 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*