پي آءِ اي جي پهرين اڏام حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل 329 حاجي  سڳورن کي کڻي لاهور پهچي وئي آهي

پي آءِ اي جي پهرين اڏام حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل 329 حاجي  سڳورن کي کڻي لاهور پهچي وئي آهي، پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حاجي سڳورن جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، حاجي سڳورن کي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ فيصل آباد پهچايو ويندو.

پي آءِ اي جي پهرين اڏام حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل 329 حاجي  سڳورن کي کڻي لاهور پهچي وئي آهي.

پي آءِ اي جي ترجمان موجب، حاجي سڳورن جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو آهي،  جنهن لاءِ پي آءِ اي جي  اڏام پي ڪي 3004 ذريعي 329 حاجي سڳورن کي لاهور پهچايو ويو آهي.

پي آءِ اي جي عملي طرفان حاجي سڳورن کي گلن جا هار به پارايا ويا ۽ انهن کي حج ادا ڪرڻ تي واڌايون به ڏنيون ويون.

اهڙي ريت خانگي ايئر لائن جي اڏام پي اي 417  سعودي عرب کان 220 حاجي سڳورن کي کڻي لاهور پهتي، جتي سندن مائٽن پاران گلن جي ورکا ڪئي وئي.

پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته جده ۽ مديني کان خصوصي اڏامن جو شيڊول جاري ڪيو ويو اهي، جنهن تحت 68 هزار کان وڌيڪ حاجي سڳورن کي ڏيهه واپس آندو ويندو.

ترجمان چيو ته حاجي سڳورن کي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ فيصل آباد پهچايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*