پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ صدارتي  هڪ ئي اميدوار آڻڻ لاءِ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم نه ٿي سگهيون آهن

پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ صدارتي  هڪ ئي اميدوار آڻڻ لاءِ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم نه ٿي سگهيون آهن،  پيپلزپارٽي  اعتزاز احسن ۽ نواز ليگ مولانا فضل الرحمان جي  کي صدارتي اميدوار طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي. نواز ليگ پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيو آهن.

صدارتي چونڊون 4 سيپٽمبر تي ٿي رهيون آهن،   تحريڪ انصاف عارف علوي کي صدارتي اميدوار طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن پنهنجا نامزدگي فارم به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

ٻئي طرف پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾  متفقه صدارتي اميدوار آڻڻ لاءِ هن وقت تائين  ڳالهيون  ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن.

 مسلم ليگ ن ۽  اپوزيشن اتحادي جماعتن  پيپلزپارٽي کي راضي ڪرائڻ لاءِ رابطن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي.

نون ليگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي پهرين پاڻ صدارتي اميدوار لاءِ شهباز شريف جو نالو ڏنو هو، هاڻي اعتزاز جي نالي تان پوئتي نه هٽڻ سان اپوزيشن جي اتحاد کي ڌَڪ رسيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو پيپلزپارٽي کي راضي ڪرڻ جون  سموريون ڪوششون ڪندا.

پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته آصف زرداري به مولانا فضل الرحمان کي اعتزاز جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ چيو، اڄ پارٽي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*