پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته صدارتي  چونڊ لاءِ سينيٽر اعتزاز احسن جي مقابلي ۾ ڪو به اميدوار نه آهي پر وزيراعظم جي چونڊ ۾ شهبازشريف کي ووٽ نه ڏيڻ تي شايد پلاند وٺڻ لاءِ مسلم ليگ ن صدارتي اميدوار  لاءِ مولانا فضل الرحمان جي حمايت ڪئي آهي.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره وزارت عظمي جي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جي وضاحت ڪندي چيو ته شهباز شريف   جي نالي تي خدشا هئا.

هن  سوال ڪندي چيو ته ڇا  شهبازشريف کي ووٽ نه ڏيڻ تي ن ليگ پلاند ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ واضح طور چيو وڃي.

قمر زمان ڪائره چيو ته اعتزاز احسن اڳوڻي وزياعظم نوازشريف جي گهر واري بيگم ڪلثُوم نواز جي شان ۾ ڪا به گستاخي نه ڪئي آهي.

اعتزاز احسن کي بهترين اميدوار قرار ڏيندي قمر زمان ڪائره چيو ته مسلم ليگ ن پلاند وٺڻ لاءِ صدارتي اميدوار  لاءِ مولانا فضل الرحمان جي حمايت ڪئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*