سڄي ملڪ ۾  قومي اسيمبلي جي 11 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 26 تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي

سڄي ملڪ ۾  قومي اسيمبلي جي 11 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 26 تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي 11 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 26 تڪن تي 14 آڪٽوبر تي ننڍي چونڊ ٿيندي.

قومي اسمبلي جي 2 صوبائي اسيمبلي جي ست تڪن چونڊ ملتوي ٿي هئي، جڏهن ته  ڪجهه اميدوارن 28 سيٽون ڇڏي ڏنيون آهن، جن تي ٻيهر چونڊ ٿي رهي آهي.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 بنون، اين اي 53 اسلام  آباد، اين اي 56 اٽڪ، اين اي 60 راولپنڊي، اين اي 63 راولپنڊي، اين اي 65 چڪوال، اين اي 69 گجرات، اين اي 103 فيصل آباد، اين اي 124 لاهور، اين اي 131 لاهور ۽ اين اي 243 ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ ٿيندي.

پنجاب اسيمبلي جي 13 تڪن پي پي 3، پي پي 27، پي پي 87، پي پي 103، پي پي 118، پي پي 164، پي پي 165، پي پي 201، پي پي 222، پي پي 261، پي پي 242، پي پي 292، پي پي 296 تي ننڍي چونڊ ٿيندي.

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 30 ۽ پي ايس 87 تي  14 آڪٽوبر تي چونڊ ٿيندي، جڏهن ته بلوچستان اسيملبي جي پي بي 35 ۽ پي بي 40 تي به  ننڍي چونڊ ٿيندي.

اهڙي ريت خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي نون تڪن  پي ڪي 3، پي ڪي 7، پي ڪي 44، پي ڪي 53، پي ڪي 61، پي ڪي 64، پي ڪي 78، پي ڪي 97 ۽ پي ڪي 99  تي چونڊ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، نامزدگي فارم اڄ کان 30 آگسٽ تائين  وصول ڪيا ويندا، جنهن  بعد اميدوارن جي شروعاتي فهرست 31 اگسٽ تائين جاري  ڪئي ويندي.

چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن  جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 4 سيپٽمبر تي ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 8 سيپٽمبر تائين داخل ڪرائي سگهجن ٿيون، جن تي فيصلو 13 سيٽمبر تي ٻڌايو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، اميدوارن جي نظرثاني ڪيل فهرستون 14 سيپٽمبر تي جاري ڪيون وينديون، اميدوارن  15 سيپٽمبر تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، چونڊ نشان سان گڏ حتمي فهرست 16 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*