ٽنڊو جان محمد ڀرسان نوجوان جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ اچڻ بعد علائقي ۾حراس پکڙجي ويو، پوليس نوجوان جو وڻ ۾لٽڪيل لاش لاهي اسپتال منتقل ڪيو

ٽنڊو جان محمد ڀرسان نوجوان جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ اچڻ بعد علائقي ۾حراس پکڙجي ويو، پوليس نوجوان جو وڻ ۾لٽڪيل لاش لاهي اسپتال منتقل ڪيو.

 ڳوٺ يار محمد ۾ 35 سالن جي غلام قادر ملاح جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو، علائقي واسين نوجوان جو وڻ ۾ لٽڪندڙ لاش ڏسي  پوليس کي اطلاع ڪيو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي غلام قادر ملاح  جو وڻ ۾لٽڪيل لاش لاهي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا.

علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان گھرو اڻ بڻت سبب ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو به اهو ئي چوڻ آهي ته نوجوان گهرو مسئلي تان ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*