باڊھ ۾پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

باڊھ ۾پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ايس ٽي پي  جي سڏ تي آبادگارن ۽ سياسي ڪارڪنن قادر بروهي،ممتاز پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪاره ٿي وڃڻ جي ڪري شھر جي اڌ آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي وئي آهي.

 هنن چيو ته شھر ۾ ترقياتي رڳو من پسند ماڻھن جي محلن ۾ ڪرايا وڃن ٿا،جنهن جي ڪري عام شهري مسئلن جو شڪار ٿي وياآهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي  ته فوري طور شھرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري شھر ۾بنا فرق جي ترقياتي ڪم  ڪرايا وڃن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*