ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائنل منهنجي ڪيريئر جي آخري ون ڊي ميچ هوندي، مائيڪل ڪلارڪ

آسٽريليا جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ جو چوڻ 11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائنل سندس ڪيريئر جي آخري ون ڊي ميچ هوندي، جنهن بعد هو ون ڊي ڪرڪيٽ کان رٽائر ٿي ويندو.

ميلبورن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو ته سڀاڻي جي فائنل بعد هو ون ڊي ٽيم  کان رٽائر ٿي ويندو.

مائيڪل ڪلارڪ جو چوڻ هو ته هن پنهنجي فيصلي کان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف جيمز سڌرلينڊ سان گڏ، ٽيم جي ڪوچ ڊيرن ليهمن  کي اگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ  هو ته ون ڊي ڪرڪيٽ دوران هن پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار اداڪندو رهي.

مائيڪل ڪلارڪ جو چوڻ هو ته سڀاڻي سندس ون  ڊي ڪيريئر جي آخري ميچ آهي.

هن چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته سڀاڻي رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجي ون ڊي ڪيريئر کي يادگاربڻائيندو.

  واضح رهي ته مائيڪل ڪلارڪ آسٽريلوي ٽيم پاران 108 ٽيسٽ ميچز ۾ 28 سنچرين ۽27 ففٽين جي مدد سان 8 هزار 432رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته هن ون ڊي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 244 ون ڊي ميچز ۾ 8 سنچرين ۽57ففٽين جي مدد سان 7 هزار 907رنز اسڪور ڪيو.

مائيڪل ڪلارڪ ٽيسٽ ميچز ۾ 31، جڏهن ته ون ڊي ڪيريئر ۾ 57 وڪيٽون حاصل ڪرڻ سان گڏ ٽيسٽ ميچز ۾ 125 ڪيچز ۽ون ڊي ميچز ۾ 105 ڪيچز ورتيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*