ڪراچي جي 70 لک آبادي کي آدمشماري ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جي 70 لک آبادي کي آدمشماري ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل آدمشماري کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر آدمشماري ڪرائي وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم مان تمام گهڻيون اميدون آهن، لاهور جي آبادي 3 سيڪڙو جي حساب سان وڌي آهي پر ڪراچي جي آبادي کي گهٽ ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ گهرن ۽ شهرين جي ڳڻپ گهٽ ڪئي وئي آهي، جيڪا ناانصافي آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو ناهي پر شهري پاڻي لاءِ پريشان آهن.

هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل آدمشماري کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر آدمشماري ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*