سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪندس

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪندس، ڪراچي ۾ پاڻي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ان جي حل لاءِ ترجيح بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو،گرين لائن سميت ٻيا وفاقي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا.

ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ جلد منصوبو شروع ڪيو ويندو.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته نئين پاڪستان جو اصل مقصد قائداعظم جو ويزن آهي، وزيراعظم عمران خان ان ويزن تحت نئين پاڪستان جي تعمير جو ٻيڙو کنيو آهي.

هن چيو ته نيڪ نيت ۽ پوري ايمانداري سان صوبي جي عوام جي خدمت ڪندس، سڀني سياسي جماعتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلندس.

عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي مسئلو ترجيع بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو، گرين لائين سميت ٻين منصوبن تي ڪم تيز ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*