ٺل مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل ناري ناهيد قريشي کي پوليس ٻن ٻارڙن سميت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ٺل مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل ناري ناهيد قريشي کي پوليس سکر جي سنگرار واري علائقي مان ٻن ٻارڙن سميت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ناري کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي.

ٺل پوليس سکر جي سنگرار واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 3 سال اڳ ٺل مان اغوا ڪيل ناري ناهيد قريشي کي بازياب ڪرائي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري پنهنجي  بيان ۾ چيو آهي ته اغوا بعد سندس زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي ۽ ان مان کيس 2 ٻار به آهن.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ناري سان زبردستي شادي ڪندڙ جوابدار  رضا محمد شمباڻي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*