سپريم ڪورٽ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب پاڻمرادي نوٽيس کي اڪلائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب پاڻمرادي نوٽيس کي اڪلائي ڇڏيو، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پي سي بي کي زمين کپي ته سي ڊي اي سان رابطو ڪيو وڃي، سي ڊي اي قانون موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايراضي واري معاملي کي ڏسي، ڊپٽي اٽارني جنرل گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي ايراضي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ  گن اينڊ ڪنٽري ڪلب بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دروان ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي ايراضي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته حڪومتي ڪميشن ڪلب جو انتظام  سنڀالي ورتو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته ڪلب جا معاملا دير جو شڪار نه ٿيڻ گهرجن.

چيف جسٽس چيو ته حڪومتي ڪميشن ڪلب جي معاملي کي ڏسي، جيڪڏهن پي سي بي کي زمين گهرجي ته  سي ڊي اي سان  رابطو ڪري.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سي ڊي اي قانون موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايراضي واري معاملي کي ڏسي.

سپريم ڪورٽ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب بابت پاڻمرادي نوٽيس کي اڪلائي ڇڏيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*