اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هن ڪڏهن به ايئن نه چيو آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هن ڪڏهن به ايئن نه چيو آهي ته تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي جي دادلي پارٽي آهي، هڪ اداري اهڙِيون خبرون نشر ڪيون، جن ۾ ڪا به صداقت نه آهي،گذريل ڏينهن مون ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي هئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پيپلزپارٽي سان وڌيڪ گڏ نه هلڻ ۽ تحريڪ انصاف کي پيپلزپارٽي جي دادلي پارٽي وارن خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نوازشريف کي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان احتساب عدالت آندو ويو.

احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته  هڪ اخبار مون سان منسوب ڪيل غلط خبرون هلايون، جيڪي نه هلايون وڃڻ.

هن چيو ته گذريل ڏينهن مون صحافين سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي.

نوازشريف چيو ته هن ڪڏهن به نه چيو آهي ته   تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي جي دادلي پارٽي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*