نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون آهن

نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. عمران خان چيو آهي ته پاڪ نيوي جون سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ پاڪ نيوي جو ڪردار واکاڻ جو ڳو آهي.

وزيراعظم هائوس موجب، وزيراعظم عمران خان سان نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي وزيراعظم عمران خان کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.

ملاقات دوران  ملڪي سلامتي ۽ پاڪ نيوي جي پيشيواراڻي صلاحيتن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته سامونڊي حدن جي حفاظت  لاءِ پاڪ نيوي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس عهدو سنڀالڻ تي واڌيون ڏنيون هيون..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*