پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جوڙڻ لاءِ سينيٽ ۾ مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جوڙڻ لاءِ سينيٽ ۾ مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪي مفاد تي سموريون جماعتون هڪجهڙو موقف رکن ٿيون، پارليامينٽ جو آواز آمريڪا تائين پهچائينداسين، آمريڪي پرڏيهي وزير جيڪو بيان ڏنو هو رڪارڊ تي ناهي، اسان امريڪا سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا.

سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ لاءِ پارليامينٽ کان رهنمائي حاصل ڪندس، مون کي ايوان جا تاثر معلوم هئڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان کي پارٽي کان مٿانهون ٿي پرڏيهي پاليسي کي ڏسڻو پوندو، اسان جي نيشنل پاليسي، سيڪيورٽي پاليسي سڀ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم جي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڪيل ڳالهه ٻولهه تي آمريڪي بيان حقيقت کان ابتڙ آهي، آمريڪي پريس ريليز ۾ جيڪو ٻڌايو ويو اهي اهو سڀ ڪجهه حقيقت جي ابتڙ آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته فون تي جيڪو رابطو ٿيو هو، ان دوران سٺيون ۽ تعميري ڳالهيون ڪيون ويون هيون.

هن چيو ته ڪٿي ڪٿي غلطي ٿي ويندي آهي، لڳي ٿو ته پريس ريليز ۾ ڪا غلطي ٿي هوندي.

پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي دوري دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري بابت ڳالهيون ڪيون وينديون،

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*