سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي ڪنهن به شهري کي تڪليف ۾ ڏسي نٿو سگهان

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي ڪنهن به شهري کي تڪليف ۾ ڏسي نٿو سگهان، ٿر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، دادو، ٺٽي ۽  قمبرشهدادڪوٽ ضلعن جي ڏڪار سٽيل خاندانن ۾ جلد ڪڻڪ جي ورهاست ڪئي وڃي.

 وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڏڪار صورتحال بابت اجلاس ٿيو، ايس ايم بي آر تحت ٺهيل ڪميٽي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪئي.

ڪميٽي سربراهه اقبال دراني اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٿر ضلعي ۾ 167  ديهه، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 25، دادو ضلعي جي 88، ٺٽي ضلعي جي 6 ، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي 22 ۽ سانگهڙ ضلعي جي 7 ديهن ۾ ڏڪار متاثرين موجود آهن.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ 15 هزار 442 خاندان، سانگهڙ ضلعي ۾ 14 هزار خاندان، دادو ضلعي ۾ 17 هزار 971 خاندان، ڄامشورو ضلعي ۾ 47 هزار 945 خاندان ۽ قمبرشهدادڪوٽ ضلعي ۾ 822 خاندان متاثر آهن.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ هڪ لک 75 هزار 565 خاندانن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي، ٿر ۾ 87 هزار 565 خاندانن کي وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي ورهاست کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ذريعي ڪئي وڃي.

هن چيو ته ٿر جي ديهن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني کان مدد وٺڻي پوي ته ضرور ورتي وڃي.

هن چيو ته اسان کي گڏجي سڀني ضلعن جي ڏڪار سٽيلن جي ڀرپور مدد ڪرڻي آهي، چاهيان ٿو ته ڏڪار سٽيل علائقن ۾ مال جي چارو جو به بندوبست ڪيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ غيرفعال آر او پلانٽس کي جلد شمسي توانائي ۾ منتقل ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٽينڪرز ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*