پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان تڪراري چونڊن کان ٻاهر نڪري آيا آهيون

پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان تڪراري چونڊن کان ٻاهر نڪري آيا آهيون، اپوزيشن ليڊر ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چيو پيو وڃي ته هي ڪابينا مشرف جي ڪابينا آهي، اهو اسان نه پر ماڻهو چئي رهيا آهن، عمران خان کي ميمبرن کي ٻڌڻ گهرجي.

سينيٽ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته اسان تڪراري چونڊن کان ٻاهر نڪري آيا آهيون، اپوزيشن ليڊر ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هن چيو ته  چونڊن ۾ سمورن تڪن جي نتيجن کي تبديل ڪيو ويو آهي، سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولهڻو پوندو.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر  چيو ته ڪالهه پنجاب ۾ خاور مانيڪا جو واقعو پيش آيو، جنهن تي به غُور ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته 30 آگسٽ کانپوءِ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيندو، ان معاملي تي به پاڪستان کي خطرو آهي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر  چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان اسان لائف سپورٽ تي آهيون، چيو پيو وڃي ته هي حڪومت بي اختيار آهي.

شيري رحمان چيو ته وزيراعظم رڳو ميئر اسلام آباد بڻجي ويو آهي، هي آواز ڪيڏانهن پيو وڃي، وزيراعظم کي ميمبرن کي ٻڌڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر چيو ته مان نه پئي چوان ته هي مشرف جي ڪابينا آهي، پر ماڻهو چئي رهيا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*