ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي پروٽوڪول جي لاءِ شهرين جي موٽرسائيڪلز کي نقصان پهچائندڙ ٽريفڪ وارڊن کي معطل ڪيو ويوآهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي پروٽوڪول جي لاءِ شهرين جي موٽرسائيڪلز کي نقصان پهچائندڙ ٽريفڪ وارڊن کي معطل ڪيو ويوآهي.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد لال حويلي  لاءِ بوهڙ بازار مان گذريو ته رستي  تي بيٺل موٽرسائيڪل کي غلط پارڪنگ ڪئي وئي هئي.

شيخ رشيد شهرين کي چيو ته اوهان جو خيال ڪريون ٿا  نه ته اهي موٽرسائيڪل کڻائي سگهون ٿا.

ان موقعي تي ٽريفڪ وارڊن شيخ رشيد جي گاڏي جو رستو صاف ڪرڻ لاءِ شهرين جي موٽرسائيڪلن کي هٽائڻ بدران انهن کي نقصان پهچايو.

ٻئي طرف ٽريفڪ وارڊن طرفان موٽرسائيڪلز کي نقصان پهچائڻ تي شهرين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.

واقعي جي خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد چيف ٽريفڪ آفيسر محمد بن اشرف ڄاڻايل ٽريفڪ وارڊن کي معطل ڪندي سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*