سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي دوران  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجو حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي دوران  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجو حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو، آصف زرداري چيو آهي ته سندس پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي، پاڪستان کان ٻاهر منهنجو ڪو به اڪائونٽ نه آهي، مان قسم نامي ۾ ڪيل هر ڳالهه تي قائم آهيان .

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ڪندي.

وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ هڪ صفحي تي ٻڌل آصف زرداري جو حلف نامو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو.

آصف  علي زرداري چيو آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ته پاڪستان کان ٻاهر   منهنجي ڪا به ملڪي نه آهي.

آصف علي زرداري چيو ته منهنجو پاڪستان کان ٻاهر ڪو به بينڪ اڪائونٽ نه آهي، قسم نامي ۾ ڪيل هر ڳالهه تي مان قائم آهيان…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*