ڪراچي جي عدالت ٻن جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي جي عدالت ڀتو اوڳاڙڻ ۽ غيرقانوني هٿيارن جي خريداري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڏهه ڏهه سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت عدالت ۾ شهر جي حيدري مارڪيٽ واري علائقي مان ڀتو اوڳاڙڻ ۽ غير قانوني هٿيارن جي خريداري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن ڄڻن جاويد ۽ حسيب کي ڏهه ڏهه سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

عدالتي فيصلي کان پوءِ ٻنهي جوابدارن کي سخت سڪيورٽي هيٺ جيل منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*