سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي

سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ حلفي بيان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو هو.

هڪ صفحي تي ٻڌل قسم نامي ۾ آصف زرداري چيو آهي ته سندس ملڪ کان ٻاهر ڪا به ملڪيت نه آهي ۽ نه ئي وري سندس ڪو بينڪ اڪائونٽ آهي.

اڄ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

گذريل ٻڌڻي دوران عدالت 24 اپريل تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف 5 آڪٽوبر 2007 تي قومي مفاهمتي آرڊيننس اين  آر او جاري ڪيو هو.

قومي مفاهمتي آرڊيننس کي 16 ڊسمبر 2009ع تي سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني بينچ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ انهيءَ قانون تحت ختم ڪيل ڪيس بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*