گڏيل قومن ميانمار ۾ روهنگيا ملسمانن  جي نسل ڪشي  ڪندڙ فورسز خلاف ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

گڏيل قومن ميانمار ۾ روهنگيا ملسمانن  جي نسل ڪشي  ڪندڙ فورسز خلاف ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، امريڪا به ان جي تائيد ڪري ڇڏي.

 پرڏيهي ميڊيا موجب ميانمار فورسز پاران تعصب پرستي جي بنياد تي روهنگيا ملسمانن  جي نسل ڪشي واري معاملي بابت گڏيل قومن جي مبصرن جي رپورٽ اچي وئي .

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي مبصرين جي رپورٽ تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جو اجلاس ڪوٺايو ويو .

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي اجلاس ۾ واضح گهر ڪئي وئي  آهي ته ميانمار فورسز  روهنگيا ملسمانن جي نسل ڪشي ڪئي .

ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتيو گوٽريس خطاب ڪندي چيو ته ميانمار ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون ثابت ٿيون آهن، انسانيت جي خلاف سنگين ڏوهن جو مقصد روهنگيا جي نسل ڪشي هئي، آزاد ماهرين جي رپورٽ ۾ ميانمار سيڪيورٽي فورسز سنگين ڏوهن ۾ ملوث نڪتي آهي .

اجلاس ۾ امريڪي نمائندي گڏيل قومن جي رپورٽ جي تائيد ڪندي  گهر ڪئي ته روهنگيا مسلمانن جي قتل عام ۾ ملوث ميانمار فورسز خلاف ڪيس هلايو وڃي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*