جنگ 1965 جو بهادر سپاهي مقبول حسين سي ايم ايڇ اٽڪ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

1965 جي جنگ جو بهادر سپاهي مقبول حسين سي ايم ايڇ اٽڪ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، آرمي چيف سندس وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب بهادر سپاهي مقبول حسين کي1965 واري جنگ ۾ ڀارت پاران جنگي قيدي بڻايو ويو جيڪو 40 سال ڀارتي قيد ۾ رهڻ بعد 2005 ۾ آزاد ٿيو، کيس بهادري تي ستارا جرات سان نوازيو ويو هو.

1965 جي جنگ جو بهادر سپاهي مقبول حسين سي ايم ايڇ اٽڪ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وڇوڙي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب بهادر سپاهي مقبول حسين کي1965 واري جنگ ۾ ڀارت پاران جنگي قيدي بڻايو ويو جيڪو 40 سال ڀارتي قيد ۾ رهڻ بعد 2005 ۾ آزاد ٿيو.

سپاهي مقبول حسين جو  سي ايم ايڇ اٽڪ دم ڏنو، جتي سندس ڪافي عرصي کان علاج هلندڙ هو.

سپاهي مقبول حسين کي ستاره جرات سان به به نوازيو ويو.

مرحوم جي جنازي نماز بعد فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*