صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ اڄ  ٿي رهي آهي

صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ اڄ  ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پاران اميدوارن، تائيد ڪندڙ ۽ تجويز ڪندڙن کي اصل سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. اميدوارن جي حتمي فهرست سڀاڻي جاري ڪئي ويندي.

صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي رهي آهي.

پيپلزپارٽي ۽ اپوزيشن جماعتن ۾ هن وقت تائين هڪ ئي اميدوار آڻڻ تي اتفاق نه ٿي  سگهيو آهي.

پيپلزپارٽي طرفان اعتزاز احسن کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان مولانا فضل الرحمان کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف طرفان عارف علوي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن، تائيد ڪندڙن ۽ تجويز ڪندڙن کي اڄ اصل سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي حتمي فهرست سڀاڻي جاري ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*