پاڪستان ۽ ڀارت جي وفدن وچ ۾ اڄ پاڻي تڪرار بابت ڳالهيون ٿي رهيون  آهن

پاڪستان ۽ ڀارت جي وفدن وچ ۾ اڄ پاڻي تڪرار بابت ڳالهيون ٿي رهيون  آهن، ٻنهي ملڪن پاران جائزه رپورٽ به پيش ڪئي ويندي، پاڪستان جو موقف آهي ته ڀارت پاران شروع ڪيل ٻئي منصوبا سنڌ طاس جي ڀڃڪڙي آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن پاران مختلف وقتن تي ڳالهيون  به ڪيون ويون پر ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪري سگهيو.

ڀارت پاران  درياهه چناب تي ٻه ڊيم  ٺاهيا پيا وڃن، جنهن جي پاڪستان پاران سخت مخالف ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان گذريل ڏينهن ڀارت جو 9 رڪني  وفد واهگا بارڊر ذريعي لاهور پهتو هو.

اڄ ڀارتي وفد پاڪستان جي وفد سان پاڻي تڪرار بابت ڳالهيون ڪندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن پاران پاڻي تڪرار بابت جائزه رپورٽ به پيش ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڀارتي چناب درياهه تي 15 سئو ميگاواٽ جو پڪل ڊل ڊيم ۽ 45 ميگاواٽ جو لوئر ڪلنائي ڊيم ٺاهي رهيو آهي، جنهن تي پاڪستان طرفان اعتراض ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جو موقف آهي ته  ٻنهي منصوبن جي ڊيزائن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 1960ع ۾ طئي ڪيل سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*