ٽنڊوآدم ۾پورهيت ريلوي ڦاٽڪ پار ڪرڻ دوران ريل هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو

ٽنڊوآدم ۾پورهيت ريلوي ڦاٽڪ پار ڪرڻ دوران ريل هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

 ٻيراڻي ڦاٽڪ وٽ کير وڪرو ڪندڙ محمد خان مري شاليمار ايڪسپريس سان ٽڪرائجي فوت ٿي ويو.

 اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي لاش ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

 وارث لاش اسپتال مان کڻائي ڳوٺ دودا خان مري روانا ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*