راولپنڊي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ماڊل ايان علي جي پيءُ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو

راولپنڊي جي علائقي گوجر خان ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ماڊل گرل ايان علي جي پيءُ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

 پوليس موجب، ماڊل ايان علي جو پيءُ محمد حفيظ گوجر خان جي جناح هوٽل مان ٻاهر اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ ايان علي جو پيءُ محمد حفيظ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ کي هڪ گولي ٻانهن ۾ لڳي آهي، سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جوابدارن جي ڳولها جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*