پنوعاقل  ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران زخمي ٿيل هڪ نوجوان زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

پنوعاقل  ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران زخمي ٿيل هڪ نوجوان زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو، وارث روڄ راڙو ڪندا لاش کڻائي ويا، نوجوان جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.

ڪچي واري علائقي ۾ٻه ڏينهن اڳ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران ڳوٺ سعيد علي جو نوجوان ديدار مهر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال ڏانهن نيو ويو هو، جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.

نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي روڄ راڙو ڪندا لاش پني عاقل جي ڪچي ڏانهن کڻائي ويا.

ٻئي طرف نوجوان جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ڪچي جي ڳوٺ سعيد علي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، پوليس جي غير موجودگي سبب علائقي ۾ رتوڇاڻ جو امڪان وڌي ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*