خان پور مھر ويجهو مھر واھ کي 15 فوٽن جو گھارو پوڻ  جي نتيجي ۾سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين جو فصل ۽ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو

خان پور مھر ويجهو مھر واھ کي 15 فوٽن جو گھارو پوڻ  جي نتيجي ۾سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين جو فصل ۽ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملدارن مان ڪير به نه پهتو، ڳوٺاڻن  پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪري ڇڏيو.

ماڪاھي پل وٽان مهر واهه کي 15 فوٽن جو گهارو پئجي ويو، جنهن سبب  سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ جي فصل کي نقصان پهتو جڏهن ته پاڻي ڳوٺ راڻو گڏاڻي ۾ ڪاهي پيو.

اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پهتا، جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪري ورتو.

پاڻي ھيٺ آيل متاثر ڳوٺاڻن آبپاشي عملدارن جي نااھلي خلاف حاجن، علي حسن، خالد.محمد ياسين ۽ محبوب گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااھلي ڪري گھارو پيو بروقت اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھتا، جنھن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي اسان کي نقصان جو ازالو ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*