ميان صاحب مان اڍائي مهينا اڳ اغوا ٿيل ٻه نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ويا

ميان صاحب مان اڍائي مهينا اڳ اغوا ٿيل ٻه نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ويا، ايس ايس پي شڪارپور پاران ٻنهي نوجوانن کي ڪچي واري علائقي مان مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ وئي آهي.

اڍائي مهينا اڳ ميان صاحب شهر مان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل ٻن نوجوانن اشفاق احمد پٽ ممتاز علي ۽ سجاد علي پٽ غلام محمد شيخ جي ڊرامائي انداز ۾ بازيابي جا اطلاع آهن.

شڪارپور پوليس ٻنهي نوجوانن کي خان پور جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 ايس ايس پي شڪارپور سرفراز نواز شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻنهي مغوي نوجوانن کي ڪچي واري علائقي مان پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي.

هوڏانهن پوليس پاران مقابلي بعد مغوين جي بازيابي باوجود اڃا تائين ٻنهي نوجوانن کي ميڊيا آڏو ظاهر ناهي ڪيو ويو ۽ نه وري ساڻن وارثن سان ملايو ويو آهي.

ياد رهي ته اشفاق احمد شيخ ۽ سجاد علي شيخ کي 16 جون تي ميان صاحب شهر مان ئي اغوا  ڪيو ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ  هڪ طرف ڌاڙيلن ڀنگ طلب ڪيو هو ته ٻئي طرف شهرين شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي تحريڪ پڻ هلائي هئي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*