پاڻي جون سڀئي اسڪيمون جلد فعال بڻايون وڃن، آر او پلانٽس کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري عوام کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي, وڏي وزير مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جون سڀئي اسڪيمون جلد فعال بڻايون وڃن، آر او پلانٽس کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري عوام کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ  جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پي ايڇ اي تحت 28 سئو 73 پاڻي فراهمي ۽ نيڪال جون اسڪيمون آهن.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 21 سئو 9 فلٽريشن پلانٽس آهن، جن ۾ 1620  آر او پلانٽس ۽ 242 يو ايف پلانٽس آهن.

وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته 1044 آر او پلانٽس فعال آهن ۽ 800 جي لڳ ڀڳ ننڍا وڏا آر او پلانٽس غير فعال آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٽن مهينن ۾ سڀئي اسڪيمون فعال ٿيڻ گهرجن، چاهيان ٿو ته سڀئي اسڪيمون فعال هجن.

هن چيو ته آر او پلانٽس کي شمسي توانائي ۾ تبديل ڪري عوام کي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*