سندس ڪامياب ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻا وڌيڪ آهن، پي ٽي آءِ جا به ڪجهه ووٽ کيس ملندا، اعتزاز احسن

اليڪشن ڪميشن پيپلزپارٽي جي صدارتي اميدوار اعتزاز احسن جا نامزدگي فارم جمع منظور ڪري ورتا، اعتزاز احسن چيو آهي ته سندس ڪامياب ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻا وڌيڪ آهن، پي ٽي آءِ جا به ڪجهه ووٽ کيس ملندا، اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان منهنجي حق ۾ صدارتي چونڊ تان هٿ کڻي ڇڏيندو،

اعتزاز احسن چيو ته سيڪريٽ بيلٽ ضمير جو هوندو آهي، آرٽيڪل 63 اي تحت ميمبرز پارٽي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو پابند آهي، هي وقت انصاف جو آهي، پي ٽي آءِ اميدوارن جي وچ ۾ به انصاف ڪرڻو آهي.

اعتزاز احسن چيو ته اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان صدارتي چونڊ تان هٿ کڻي ويندو، صدارتي اميدوار لاءِ بهتر ڪير آهي، ان جو فيصلو ووٽر کي ڪرڻو آهي.

پيپلزپارٽي جي صدارتي اميدوار چيو ته پرويز رشيد جي مطالبي اسان مقابلي ۾ بيهاريو آهي، مون کان مطالبو ڪيو ويو ته اڊيالا جيل وڃي معافي گهران، جيڪو جاگيرداراڻو مطالبو هو.

اعتزاز احسن چيو ته منهنجي پارٽي مون تي احسان ڪيو آهي، مان آصف زرداري ۽ پنهنجي پارٽي جي قيادت جو ٿورائتو آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان سندس ذاتي دوست آهي، هو سندس تمام گهڻو احترام ڪندو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*