ڪراچي جي احتساب عدالت 462 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي احتساب عدالت 462 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته خاموش رهڻ ئي بهتر آهي، ڪنهن کي مشورو نه ڏئي رهيو آهيان.

عدالت ۾ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ صفدرحسين سميت ٻيا پيش ٿيا.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته اڄڪلهه خاموش رهڻ ئي بهتر آهي، ڪنهن کي مشورو نه ڏئي رهيو آهيان.

مني لانڊرنگ بابت صحافين جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مان ملڪ کان ٻاهر هيس، سياسي معاملن جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي توهان کي ٻڌائيندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*