پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدارت اميدوار عارف علوي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدارت اميدوار عارف علوي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن، هو عمران خان جو ٿوائتو آهي.

هن چيو ته، پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ جيان صدارتي چونڊن ۾ به وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، اتحادين حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عارف علوي چيو ته، ڊاڪٽر عامر لياقت کي ڪو مسئلو آهي ته هو عمران خان سان ملاقات ڪري معاملا حل ڪري…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*