نئين حڪومت جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

نئين حڪومت جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن دوران 5 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ گردشي قرضن ۽ پاور سيڪٽر تي پوندڙ اثرن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

نئين حڪومت جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

اجلاس جي صدارت ناڻي وارو وفاقي وزير  اسد عمر ڪندو، جنهن دوران 5 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ گردشي قرضن ۽ پاور سيڪٽر تي پوندڙ اثرن تي غور ويچار ڪيو ويندو، اجلاس ۾ گيس جي قيمت تي به غور ويچار ڪيو ويندو، پي ايس او جا مالي مسئلا به ايجنڊي جو حصو آهن.

اجلاس ۾ خريف جي فصل لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ بابت طريقيڪار جو به غور ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*