خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته وادي تيره واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 15 دهشتگردن کي ماري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، ڪارروائي دوران 3 سڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، خيبر ايجنسي ۾ آپريشن خيبر ٽو ڪاميابي سان جاري آهي ۽ پاڪ فوج  جي علائقي ۾ پيشي قدمي جاري آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته وادي تيره جي علائقي مستڪ ۾ 30 کان 35 دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن کي پاڪ فوج جي جوانن ناڪام بڻائي دهشتگردن کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران فائرنگ ڪري 15 دهشتگردن کي ماريو ويو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾3 سڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ٻيا دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پنهنجي 10 ساٿين جا لاش ۽ هٿيار ڦٽا ڪري فرار ٿي ويا، دهشتگردن جي لاشن ۽ هٿيارن کي فورسز قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*