خيبرپختونخوا جي نئين 11 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو. وقتي گورنر مشتاق غني صوبائي وزيرن کي حلف کڻايو

خيبرپختونخوا جي نئين 11 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو. وقتي گورنر مشتاق غني صوبائي وزيرن کي حلف کڻايو. حلف کڻندڙن وزيرن ۾ عاطف خان، شهرام ترڪئي، تيمور سليم جهڙا، محمد اشتياق ارمڙ، قلندر لوڌي، شڪيل خان، محب الله، سلطان خان، هشام انعام، ڪامران بنگش ۽ اڪبر ايوب شامل آهن..

حلف برداري واري تقريب گورنر هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي تي جتي خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق غني صوبائي وزيرن کي حلف کڻايو.

نئين صوبائي ڪابينا ۾ عاطف خان سينيئر وزير سان گڏ سياحت جو کاتو به سنڀاليندو. شهرام ترڪئي بلديات کاتو، تيمور سليم جهگڙا ناڻي واري وزارت، محمد اشياق ارمڙ ٻيلن جو کاتو، قلندر خان لوڌي خوراڪ کاتو سنڀاليندو.

محب الله زراعت کاتو، ڊاڪٽر امجد علي معدني وسيلن وارو کاتو، سلطان محمد خان قانون وارو قلمدان سنڀاليندو.

هشام انعام الله کي صحت وارو کاتو، ڪامران بنگش کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو قلمدان ڏن ويو اهي.

اهڙي ريت عبدالڪريم کي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ضياءَ الله بنگش صلاحڪار هوندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*