باڊھ ۾پاڻي کوٽ ۽ ترقياتي ڪم اڌ ۾ڇڏي وڃڻ خلاف شهرين طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

باڊھ ۾پاڻي کوٽ ۽ ترقياتي ڪم اڌ ۾ڇڏي وڃڻ خلاف شهرين طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

شهر جي اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران وڌي وڃڻ ۽ ٺيڪدارن پاران ترقياتي اسڪيمن جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ واري عمل خلاف مختلف ڌرين گلزار گوپانگ رزاق نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾َدرگاه چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو ۽ حيدر چوڪ وٽ جدا جدا ڌرڻا هنيا.

 ان موقعي تي هنن چيو ته واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا ٿي وڃڻ ڪري شھر جي مختلف پاڙن ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر نه ٿو ٿئي ۽ شھر ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هلندر ترقياتي ڪم ٺيڪدار اڌ ۾ ڇڏي ويا آھن، جنهن ڪري شھري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھن.

 هنن گهر ڪئي ته مسئلا فوري طور حل ڪري شهرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*