ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل نوجوان توفيق نوناري کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي آهي

ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل نوجوان توفيق نوناري کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي آهي، مغوي جي خيريت سان واپسيءَ لاءِ سندس گهر ڀاتين طرفان قرآن پاڪ جو رد جاري آهي.

ٺل ۾ مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ نوناري برادري پاران پريس ڪلب آڏو عبدالله نوناري، نماڻو نوناري، ذوالفقار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته مهينو اڳ ڪنڌڪوٽ مان توفيق نوناري کي اغوا ڪيو ويو، ڌاڙيل سندس بازيابي عيوض ڀنگ گهري رهيا آهن. اهڙي ڄاڻ ايس ايس پي کي به ڏني آهي پر ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته مغوي نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*