ڪراچي ۾ يارنهين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا سسٽم ناڪام هئڻ ڪري شاگرد پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن

ڪراچي ۾ يارنهين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا سسٽم ناڪام هئڻ ڪري شاگرد پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌ اليڪٽرانڪ سينٽر لائيزڊ ڪاليج ايڊميشن پروگرام تحت داخلا لاءِ انٽرنيٽ تي آن لائين رجسٽريشن ويب پيج نه کلي رهيو آهي.

هنن چيو ته شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به جواب نه ملي رهيو آهي، ڪراچي جي ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ آخري تاريخ 5 سيپٽمبر آهي.

شاگردن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آن لائين داخلائن واري معاملي جو نوٽيس وٺي کين سهولت فراهم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*