نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هجي ها ته ڪامياب ٿي وڃي ها

نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هجي ها ته ڪامياب ٿي وڃي ها، اميد آهي ته پيپلزپارٽي سندن درخواست تي غور ڪندي، نون ليگ قرباني ڏني ۽ پنهنجو صدارتي اميدوار نامزد نه ڪيو، حڪومت جي سمورن معاملن جا فيصلا گوگل ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هر مسئلي جو حل گوگل ڏئي ته  حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اپوزيشن پارن متفقه طور اميدوار آڻڻ گهرجي ها، اپوزيشن جي وڇوٽين سان پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيندو.

هن چيو ته ن ليگ قرباني ڏني ۽ پنهنجو صدارتي  اميدوار نامزد نه ڪيو، اپوزيشن جو هڪ ئي اميدوار ٿيو ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اميد آهي ته پيپلزپارٽي اسان جي درخواست تي غور ڪندي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته وقت گذرڻ سان لڳي رهيو آهي ته انڊر 11 جي ٽيم حڪومت  ڪري رهي آهي، حڪومتي جي هر شيءَ جا فيصلا گوگل ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هر مسئلي جو حل گوگل ڏئي ته  حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي.

احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي مهم ئي مني لانڊرنگ تي هلي رهي هئي، وزيراعظم عوام کان پڇي رهيو آهي ته مني لانڊرنگ جا پيسا ڪئين واپس آندا وڃن؟

غفور الحيدري چيو آهي ته جمهوريت لاءِ پ پ جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، ڏسڻو پوندو ته پ پ اپوزيشن کي گڏ رکي ٿي يا ڇڙوڇڙ ڪري ٿي؟ …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*