صدارتي چونڊ لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ بعد پي ٽي آءِ جي عارف علوي، پ پ اميدوار اعتزاز احسن ۽ نواز ليگ پاران نامزد ڪيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن

صدارتي چونڊ لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ بعد پي ٽي آءِ جي عارف علوي، پ پ اميدوار اعتزاز احسن ۽ نواز ليگ پاران نامزد ڪيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، ، صدارتي اميدوارن جي حتمي فهرست سڀاڻي جاري ڪئي ويندي

اليڪشن ڪميشن ۾ چيف  اليڪشن ڪمشنر سردار محمد  رضا صدارتي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پرتال ڪئي وئي، جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ جمع ڪرايل 12 اميدوارن مان 4 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر اعتزاز احسن، ڊاڪٽر عارف علوي، مولانا فضل الرحمان ۽ امير مقام جا نامزدگي فارم درست قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي موقعي تي پيپلزپارٽي اميدوار اعتزاز احسن، تحريڪ انصاف اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي ۽ مولانا فضل الرحمان طرفان عبدالغفور حيدري ۽ احسن اقبال پيش ٿيا.

ٻئي طرف صدارتي چونڊ لاءِ  اميدوار عمران احمد، مير افضل سميت ٻين اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا. عمران احمد پاران تائيد ۽ تجويز ڪندڙن کي پيش نه ڪرڻ سبب نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن.

ان کانسواءِ لاليڪشن ڪميشن هلال رحمان، امجد آفريدي ۽ محمد اشفاق جا به نامزدگي  فارم رد ڪري ڇڏيا آهن.

واضح رهي ته سڀاڻي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته صدارتي چونڊون 4  سيپٽمبر تي ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*