پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار تي ڳالهين جو سلسلو  اڄ کان لاهور ۾ شروع ٿي ويو آهي

پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار تي ڳالهين جو سلسلو  اڄ کان لاهور ۾ شروع ٿي ويو آهي.  ٻنهي ملڪن جي وفدن پاران جائزه رپورٽ به پيش ڪئي ويندي.

لاهور ۾ پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار جي نبيري لاءِ  9 رڪني ڀارتي وفد  ۽ پاڪستان جي وفد وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي.

پاڪستان ۽ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنرن جي وچ ۾ ڳالهين جي پهرين دور ۾ وفد جي سربراهي ۾ ڀارتي انڊس ڪمشنر پي ڪي سڪسينا ۽ پاڪستاني وفد جي سربراهي پاڪستان انڊس واٽر ڪمشنر مهرعلي شاهه ڪري رهيو آهي.

 پاڪستان ۽ ڀارتي وفدن جي وچ ۾  نيسپاڪ آفيس ۾ ڳالهيون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون.

پاڪستان ڀارت جي هائيڊرو پاور پراجيڪٽن پڪل دل ۽ لوئر ڪلنئي تي اعتراض ڪيا آهن جنهن تي ڀارتي وفد پنهنجو موقف پيش ڪندو.

واضح رهي ته ڀارت چناب دريا تي 1500 ميگاواٽ جو پڪل ڊيم ۽ 45 ميگاواٽ جو لوئر ڪلنائي ڊيم ٺاهي رهيو آهي جنهن تي پاڪستان طرفان اعتراض واريو ويو هو.

پاڪستان جو موقف آهي ته ٻنهي منصوبن جو ڊيزائن  پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ طئي ٿيل 1960 جي انڊس واٽر ٽريٽي جي ڀڃڪڙي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*