سپريم ڪورٽ  اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي پاڪستان ۾ موجود اثاثن جا تفصيل طلب ڪري  ورتا

سپريم ڪورٽ  اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي پاڪستان ۾ موجود اثاثن جا تفصيل طلب ڪري  ورتا، عدالت سندس گهرواريءَ جي اثاثن جا تفصيل به 10 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، مشرف جي وڪيل ٻڌايو ته مشرف جي هڪ اڪائونٽ ۾ 92 هزار درهم آهن، وٽس جيپ ۽ مرسڊيز سميت 3 گاڏيون آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ليڪچر ڏيڻ سان ايترا پيسا ملندا آهن؟ مشرف جون سمورون پگهارون به گڏ ڪيون وڃن ته به ايتري ملڪيت نه ٿي ٺهي سگهي، مشرف کي چئو عدالت ۾ اچي پاڻ وضاحت ڏئي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه بيان حلفي جمع ڪرايو.

بيان حلفي ۾ چيو ويو ته پرويز مشرف دبئي هڪ اپارٽمنٽ جو مالڪ آهي، اڳوڻي صدر وٽ پرڏيهه ۾ ٽي گاڏيون آهن، پرويز مسرف جي غير ملڪي ڪرنسي ڪائونٽ ۾ 92 هزار 100 درهم آهن، مشرف جي پرڏيهه ۾ اثاثن جي ماليت 5.4  ملين  درهم آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيوته مشرف جون سموريون پگهارون به گڏ ڪيون وڃن ته به ايتري ملڪيت نه ٿي ٺهي سگهي، اڳوڻي صدر کي گهرايو ته اهو پاڻ اچي وضاحت پيش ڪري.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پيسا پاڪستان مان ناهن ڪمايا، هن پرڏيهه ليڪچر ڏيڻ بعد پيسا ڪمايا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پرويز مشرف کي سعودي عرب مان به ته تحفا مليا آهن، سندس پاڪستان ۾ موجود اثاثن جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ٻڌايو وڃي ته پرويز مشرف جي آمدني جو ذريعو ڪهڙو آهي ۽ سندس گهر واري جي اثاثن جا  تفصيل به 10 ڏينهن ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*