يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي حفاظت سان ڪڍڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

جنگ جو ميدان بڻيل وچ اوڀر جي ملڪ يمن ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايتن باوجود ڪي به جوڳا انتظام  ناهن ڪيا ويا، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ڦاٿل پاڪستانين کي حفاظت سان ڪڍڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي پر ايئرپورٽ بند هئڻ ۽ زميني رستو غير محفوظ هئڻ سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

هوثي باغين جي حملن سبب يمن ۾ پاڪستانين سميت ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن جا شهري ڦاٿل آهن پر کين حفاظت سان ڪڍڻ لاءِ جوڳا انتظام ناهن ڪيا ويا.

وزيراعظم نواز شريف پاران واضح هدايتون ڏيڻ باجود حڪومت پاران پاڪستانين جي ڏيهه واپسي ۽ سلامتي لاءِ هـِن وقت تائين عملي طور تي ڪو به قدم سامهون ناهي آيو.

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم ان حوالي سان هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي حفاظت سان ڪڍڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهن.

هن چيو ته يمن ۾ مسلسل حملن سبب اتان جي مرڪزي ايئرپورٽ بند آهن ۽ زميني رستا به غير محفوظ هئڻ سبب پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن جا شهري يمن ۾ ڦاٿل آهن، کين حفاظت سان ڏيهه آڻڻ لاءِ هو مسلسل رابطي ۾ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*