سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته آصف زرداري حلفي بيان ۾ ٻڌائي ته هن ڪو ٽرسٽ ٺاهيو يا نه، ڇا سوئيٽزرلينڊ ۾ سندس اڪائونٽس هو؟ ڇا شهيد بينظير ڀٽو يا سندس ٻارن جي نالي تي اڪائونٽ هو؟ آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيڪڏهن مان حلفي بيان ڏيندس ته پوءِ انڪوائري شروع ٿي ويندي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار  جي سربراهي ۾ بينچ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران جمع ڪرايل حلفي بيان رد ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس اڳوڻي صدر آصف  علي زرداري  ۽ پرويز مسرف جي اثاثن جا تفصيل  10  ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا.

عدالت سمورين جڌرين کي 15 ڏينهن اندر تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي سندن ٻارڙن جي اثاثن جا تفصيل به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي اثاثن جا تفصيل به جمع ڪرايا وڃن، اسان کي رڳو اثاثن جا تفصيل  گهرجن. اسان اوهان تي ٻيهر ڪيس نه ٿا هلائڻ چاهيون. عدالت 62 ون ايف، سو موٽو اختيار تحت تفصيل طلب ڪري سگهي ٿي.

جسٽس  اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايمانداري سان ٻڌايو، اوهان جي ڪيتري ملڪيت هئي ۽ هاڻ ڪيتري آهي،

آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته منهنجي موڪل لڳل الزامن واري ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي، هڪ الزام تحت 2 ڀيرا ڪيس نه ٿو هلائي سگهجي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته آصف علي زرداري اڄ جي ڏنهن جي حوالي سان حلفي بيان جمع ڪرايو، اسان کي گذريل 10 سالن جا تفصيل گهرجن.

عدالت ٽرسٽ ۽ آف شور ڪمپينن جي  صورت ۾ رکيل ملڪيت جا تفصيل به طلب ڪري ورتا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*