تحريڪ انصاف جي سرڪار سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

تحريڪ انصاف جي سرڪار سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، فواد چوڌري چيو آهي ته پيمرا ۽ پاڪستان پريس ڪائونسل کي ختم ڪري پاڪستان ميڊيا ريگيولرٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي به قانون جي عملداري يقيني بڻائيندو.

سينيٽ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن جو سينيٽ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ غير سنجيده عمل آهي، اپوزيشن بهانو بڻائي واڪ آئوٽ ڪيو، هاڻ ڏسڻو آهي ته اپوزيشن اڳتي وڃي ڪيترو سنيجده ٿئي ٿي.

اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ جي سڀ کان وڏي مسئلي کي ڏسي رهي آهي، عمران خان اڪثريت نه هئڻ باوجود سينيٽ ۾ آيو، نواشريف وزيراعظم جي حيثيت ۾ به سينيٽ ۾ پير نه رکندو هو.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان لاءِ پارليامينٽ جعلي آهي پر هو صدر بڻجڻ چاهي ٿو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس پارٽي ڪيتري سنجيده آهي، پارليامان جي ڪارروائي سرڪاري ٽي وي تي عوام کي نظر ايندي.

فواد چوڌري چيو ته حڪومت پيمرا ۽ پريس ڪائونسل کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته پيمرا کي ختم ڪري پاڪستان ميڊيا ريگوليٽرٽي اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، نظرثاني ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جيڪا اشتهارن جي معاملن کي ڏسندي.

فواد چوڌري چيو ته ، ريگوليٽر اٿارٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي به قانون جي عملداري يقيني بڻائيندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*