آرٽي ايس نظام جي ناڪامي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ شيخ رشيد جي بيان تي سيينٽ مان اپوزيشن ڪي واڪ آئوٽ ڪيو

آرٽي ايس نظام جي ناڪامي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ شيخ رشيد جي بيان تي سيينٽ مان اپوزيشن ڪي واڪ آئوٽ ڪيو، مشاهدالله خان چيو آهي ته آرٽي ايس ۾ ناڪامي تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، چونڊن جي نتيجن کي تبديل ڪيو ويو آهي، رضا رباني چيو آهي ته معاملو ڌيان ڇڪايو نوٽيس سان اڪلائي نه ٿو سگهجي، اپوزيشن جو مطالبو هو ته آر ٽي ايس نظام جي ناڪامي تي بحث ڪرايو وڃي.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو،

اجلاس دوران شيخ رشيد چيو ته ريلوي جو خسارو 2013 ۾ 30 ارب هو ۽ 2018 ۾ 41 ارب آهي، ريلوي وٽ 20 هزار ايڪڙ زمين آهي.

شِيخ رشيد چيو ته اربع تي هي معاملو ڪابينا ۾ کڻي ويندس ۽ ڪابينا فيصلو ڪندي ته هن زمين کي وڪرو ڪرڻو آهي يا ۽ ليز تي ڏيڻي آهي.

شيخ رشيد چيو ته ريلوي جي زمين ڪنهن جي پيءُ جي نه آهي، قبضا مافيا ريلوي جي زمين کي پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجهي آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي بيان تي  اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.

فواد چوڌري مرتضيٰ جاويد عباسي کي مخاطب ٿيندي چيوته سينيٽ جي اجلاس تي لکين رپيا خرچ  ٿي رهيو آهي، اوهان ته گهر وڃي سمهي پوندا آهيو.

ڪورم  ٽٽڻ سبب اجلاس جي ڪارروائي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي، جنهن بعد ڪورم پيو ٿيو ته ٻيهر ڪارروائي شروع ٿي.

اجلاس ٻيهر شروع ٿيڻ بعد مشاهدالله خان چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اسان کي آر ٽي ايس جي ناڪامي تي ڳالهائڻ  جي اجازت ڏني وڃي.

ان موقعي تي اليڪشن جي ڏينهن آر ٽي ايس نظام جي مبينا ناڪامي تي سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو.

سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته ڌيان ڇڪايو نوٽِس تي رڳو پيش ڪندڙ ميمبر ئي  ڳالهائي سگهن ٿا.

سينٽر مشاهدالله خان پاران ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي سينيٽر رضا رباني چيو ته معاملو ڌيان ڇڪايو نوٽيس سان اڪلائي نه ٿو سگهجي، اپوزيشن جو مطالبو هو ته آر ٽي ايس نظام جي ناڪامي تي بحث ڪرايو وڃي.

هن چيو ته اسان جو مطالبو هو ته  چونڊن ۾ ڌانڌلي تي ڪميٽي جوڙِ وڃي، ٻڌايو وڃي ته آر ٽي يس تي حڪومت جون ڪميٽيون ڪٿي آهن.

رضا رباني چيو ته حڪومت آرٽي ايس نظام جي ناڪامي کي وائٽ واش ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي.

سينيٽر اعظم سواتي آر ٽي ايس جي ناڪامي جي فرانزڪ جاچ ڪرائي وڃي.

اپوزِيشن پاران آر ٽي ايس جي ناڪامي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي  واڪ آئوٽ ڪيو ويو، جنهن بعد ڪورم ٽٽڻ سبب اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*