نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس واڌايون ڏنيون آهن

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس واڌايون ڏنيون آهن، عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف بنا فرق جي احتساب اسان جي پهرين ترجيح آهي.

اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران نيب چيئرمين وزيراعظم عمران خان کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.

وزيراعظم عمران خان نيب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم  عمران خان چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. بدعنوان ۽ ڪرپٽ عنصرن خلاف بنا فرق جو احتساب حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت نيب کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ۽ اسان به اداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*