تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته بلوچستان ۾ تحريڪ انصاف ڪنهن به قسم جي ورهائجڻ  جو شڪار نه آهي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته بلوچستان ۾ تحريڪ انصاف ڪنهن به قسم جي ورهائجڻ  جو شڪار نه آهي، حڪومت قائم ڪرڻ اڪثريت جو حق آهي، وفاق ۾ تحريڪ انصاف ۽ صوبي ۾ پيءُ حڪومت قائم ڪئي آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين ۽  پرويز خٽڪ ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهتا ته صوبائي صدر يار محمد رند  سندن استقبال ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته صدارتي چونڊ لاءِ هڪ هڪ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪنداسين.

هن چيو ته عمران خان جو ويزن واضح آهي، اسان کي انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته، منهنجي اچڻ وڃڻ جو ڪو خاص مقصد نه آهي، رڳو چونڊ عمل جو حصو آهي.

هن چيو ته، نئين پاڪستان ۾ جيڪو سادگي وارو فارمولو خان صاحب طئي ڪيو آهي، انهيءَ تي ئي اسان هلنداسين.

جهانگير ترين چيو ته، سادگي جي حوالي سان اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي.  سموريون شيون ميڊيا جي سامهون آهن، جيڪي ڪوتاهين جي نشاندهي ڪن.

هن چيو ته بلوچستان ۾ تحريڪ انصاف ڪنهن به قسم جي ورهائجڻ  جو شڪار نه آهي.

جهانگير ترين چيو ته حڪومت قائم ڪرڻ اڪثريت جو حق آهي، وفاق ۾ تحريڪ انصاف ۽ صوبي ۾ پيءُ حڪومت قائم ڪئي آهي.

پرويز خٽڪ چيو ته جمهوريت روايتن جي گهرج آهي ته پنهنجي اتحادين کان ووٽ گهريو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*